ماڊل ۽ اداڪارا ايمان علي پاران پنهنجي ڀيٽ ”کدڙي“ سان ڪرڻ تي مٿس ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي.
هڪ نجي ٽي وي چئنل پروگرام ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ايمان علي چيو هو ته مان گهڻا ڀيرا چئي چڪي آهيان ته پاڻ کي ۽ پنهنجي شڪل کي پسند ناهيان ڪندي، جيتوڻيڪ ماڻهو مون کي ڏاڍو پسند ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته توهان خوبصورت آهيو پر پاڻ کي آئيني ۾ ڏسي لڳندو آهي ته اهي ڪوڙ ٿا ڳالهائن، رڳو اهو ئي نه پر جڏهن موبائل ۾ مختلف طريقن سان سيلفيون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان ته لڳندو آ ڄڻ ڪو کدڙو بيٺو آهي.