اوگرا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري حڪومت ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.
آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري حڪومت ڏانهن موڪلي وئي آهي جنهن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 20 پيسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 50 پيسن تائين واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي پر واڌ بابت حتمي فيصلو وزير اعظم عمران خان ڪندو.