”پاڪستان ڪامياب حڪمت عملي سان معاشي سفر طئي ڪيو“

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ڪوشش رهي ته موجوده بجيٽ معاشري جي هر طبقي اميد جي ڪرن ثابت ٿئي.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪي صورتحال خاص ڪري حڪومت طرفان پيش ڪيل عوامي ترقياتي بجيٽ، بجيٽ ۾ عوام کي پهچايو ويندڙ ريليف ۽ خاص ڪري معاشي ترقي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي حوالي سان بندوبست غور هيٺ آيا.

پارٽي اڳواڻن هڪ متوازن، عوام دوست ۽ معاشري جي هر طبقي جي لاءِ مثبت بجيٽ پيش ڪرڻ تي وزير اعظم ۽ حڪومتي معاشي ٽيم کي واڌايون ڏنيون.

وزير اعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته کيس ان امر تي بي حد اطمينان آهي ته پاڪستان جي معيشت نه رڳو استحڪام پر ترقي ڏانهن گامزن آهي، ڪورونا جي دور ۾ جڏهن عالمي سطح تي معيشت کي سخت ڌڪ رسيو آهي ۽ معاشي مسئلا پيدا ٿيا آهن اُتي پاڪستان ڪامياب حڪمت عملي سان معاشي سفر طئي ڪيو آهي.

Read Previous

سنڌ حڪومت جو واپار 2 ڏينهن بدران هڪ ڏينهن بند رکڻ جو فيصلو

Read Next

پيٽرول جي اگهن ۾ 4 رپين کان وڌيڪ واڌ جا امڪان

Most Popular