انگلينڊ خلاف پهرين ون ڊي ميچ دوران قومي ٽيم 141 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڪارڊف ۾ انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو درست ثابت ٿيو.
پاڪستاني اوپنر امام الحق ۽ ڪپتان بابر اعظم کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويا، جڏهن ته فخر زمان 47، محمد رضوان 13، سعود شڪيل 5، صهيب مقصود 19، شاداب خان 30، حسن علي 6، شاهين آفريدي 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
انگلينڊ طرفان ثاقب محمود 4 وڪيٽون وٺي سڀ کان ڪامياب بالر رهيو.