اداڪار صبا قمر مردن سان مخاطب ٿيندي انهن کان عورتن کي هراسان ڪندڙن جي نشاندهي جو مطالبو ڪيو آهي.
صبا قمر انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي ۽ لکيو ته ”ڪنهن چيو اسان عورتون ايندڙ هيش ٽيگ بڻجڻ لاءِ رڳو هڪ درندي صفت مرد کان پري آهيون ۽ ان ڳالهه سان منهنجي لونءَ ڪانڊرجي وئي.
معاشري ۾ عورتن تي وڌندڙ تشدد ۽ قتل جي واقعن کي نظر ۾ رکندي اداڪارا پنهنجي سڀني مرد مداحن سان مخاطب ٿيندي لکيو ته ”جيڪڏهن توهان سچا مرد آهيو ۽ پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪنهن عورت بابت ڳڻتي ڪري چڪا آهيو ته پنهنجي دوستن ۽ عزيزن مان اهڙن ظالم مردن جي سرعام نشاندهي ڪيو، جيڪي عورتن تي تشدد يا انهن کي هراسان ڪرڻ جهڙن خيالن جي ذهنيت وارا آهن“.