سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿي آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب 76 ماڻهو زندگيون وڃائي چڪا آهن ۽ هن وقت تائين هاڪاري ڪيسن جي شرح 7.5 کان وڌي وئي آهي.
نيشنل ايڪشن ڪمانڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ڪورونا جون 59 هزار 707 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 4497 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.