سنڌ حڪومت پاران سيڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ 26 هين ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال بابت ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ ڪجهه قبائلي جرڳا ٿيا جن ڪيترائي ماڻهو قتل ڪيا ويا، سدزوئي، چاچڙ جهيڙي ۾ 12 ماڻهو قتل ٿيا، طيغاڻي بجاراڻي جهيڙي ۾ 28 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن.

آءِ جي سنڌ اجلاس ۾ ڪچي جي آپريشن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2021 ۾ گهوٽڪي جي ڪچي ۾ 89 انڪائونٽ، سکر ۾ 75، ڪشمور ۾ 73، شڪارپور ۾ 68 انڪائونٽر ڪيا ويا، گهوٽڪي ۾ 3گروهه، سکر ۾ 6، ڪشمور ۾ 25، شڪارپور ۾ 15 گروهن جو خاتمو آندو ويو، سکر ۾ 9 ڌاڙا هنيا ويا، گهوٽڪي ۽ سکر مان 2-2 ماڻهو بازياب ڪرايا ويا، ڪشمور مان 39 ۽ شڪارپور مان 40 ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو.

وڏي وزير پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته اسلحي جي سپلاءِ لائن ختم ڪئي وڃي، ڌاڙيلن ۽ ڪالعدم تنظيمن ۾ وڌندڙ رابطن تي نظر رکي وڃي ۽ انهن خلاف ڪارروايون ڪيون وڃن.

Read Previous

ارباب غلام رحيم وزير اعظم جو سنڌ جي معاملن بابت خاص مددگار مقرر

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 76 فوتگيون، 4497 نوان ڪيس رپورٽ

Most Popular