جي ڊي اي جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي پردي ۾ رهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نصرت سحر عباسي سوشل ميڊيا ذريعي ويڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته مون کي الله جي طرفان هدايت ملي آهي ته اسلامي طريقي موجب پنهنجي زندگي گذاريان، تنهن ڪري مان اڄ کان پوءِ پردي ۾ رهي اسلامي طريقي تي زندگي گذارينديس.
هن چيو ته مان جيستائين جيئري آهيان، تيستائين اسلامي طريقي سان زندگي گذارينديس، سڀ مسلمان عورتون به پنهجي زندگي دين ۽ اسلام واري طريقي سان گذارين.