پي ٽي آءِ ۾ انٽرا پارٽي چونڊون نه ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن پارٽي جي سربراهه ۽ وزيراعظم عمران خان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو جنهن جو عمران خان اڄ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.
وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي حوالي سان ڏنل شوڪاز نوٽيس جي جواب ۾ هڪ سال جي مهلت گھري ورتي.
عمران خان ڪورونا وائرس وبا کي چونڊن ۾ دير جو وڏو سبب قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن کان هڪ سال جي مهلت گھري ورتي ۽ شوڪاز نوٽيس واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي.
وزيراعظم پنهنجي جواب ۾ چيو ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا ۽ اين سي او سي جي هدايتن کي نظر ۾ رکندي انٽرا پارتي چونڊون نه ٿي سگھيون، اين سي او سي جي هدايتن کي نظر ۾رکندي انٽرا پارٽي چونڊن جو فيصلو ڪيو ويندو.