تبديلي سرڪار مريضن کي به نه بخشيو، دوائون مهانگيون ڪرڻ جي منظوري

وفاقي ڪابينا ڊاڪٽر اشفاق کي ايف بي آر چيئرمين مقرر ڪرڻ ۽ 37 دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چونڊ سڌارن جي آرڊيننس جي منظوري ڏني وئي، جنهن تحت سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي 60 ڏينهن ۾ حلف کڻڻ جو پابند ڪيو ويو آهي، ٻي صورت ۾ اها سيٽ خالي تصور ڪئي ويندي.

اجلاس کانپوءِ اطلاعات واري وزير فواد چوڌري بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪابينا ڊاڪٽر اشفاق کي نئون ايف بي آر چيئرمين مقرر ڪرڻ ۽ 37 دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏني، جڏهن ته ڊاڪٽر نديم ظفر کي شماريات کاتي جو سربراهه مقرر ڪرڻ ۽ ڊاڪٽر مجتبيٰ کي انٽليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن جي واڌو چارج ڏيڻ جي منظوري به ڏني وئي.

هن ٻڌايو ته پاڪستان هزارين پرڏيهين کي افغانستان مان نڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي، افغانستان ۾ حڪومت ٺهڻ جي حوالي سان پاڪستان ذميواراڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڀارت افغانستان ۾ مداخلت کان پاسو ڪري، اميد ته عالمي برادري ڀارتي حرڪتن جو نوٽيس وٺندي.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم مينار پاڪستان واقعي کي ڳڻتيءَ جوڳو قرار ڏنو ۽ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي پئي وڃي، جيڪا حڪومت جي رهنمائي ڪندي.

Read Previous

ڪارڪردگي ڇاجي؟ پي ٽي آءِ ٽن سالن ۾ هر شعبي کي تباهه ڪيو آهي: مولابخش چانڊيو

Read Next

وزيراعظم عمران خان الڪيشن ڪميشن جي نوٽيس جو جواب ڏئي ڇڏيو

Most Popular