وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان کي ملڪ ۾ دهشتگردي جي اجازت نه ڏينداسين.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسان آمريڪا جي اتحادي هجڻ جو وڏو نقصان کنيو آهي، افغانستان جو مسئلو اتان جي عوام جو مسئلو آهي، پاڪستان سڌي ريت افغانستان جي ڪنهن مسئلي ۾ ملوث ناهي، افغانستان ۾ امن پاڪستان جي خواهش آهي، اسان سڄي دنيا سان گڏ بيٺا آهيون، طالبان جو عام معافي جو اعلان هاڪاري قدم آهي.
هن چيو ته پاڪستان تي پناهگيرن جي حوالي سان ڪو دٻاءُ ناهي، طالبان خاطري ڪرائي آهي ته افغان سرزمين ڪنهن جي خلاف به استعمال نه ٿيندي، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي، ڀارت افغانستان ۾ ناڪامي کي منهن ڏنو، افغان صورتحال تي ڀارت جو پريشان ٿيڻ لازمي ڳالهه آهي، ڀارت ۾ جيڪو پِٽڪو ٿي رهيو آهي، ان سان انهن جي چهرن تي شڪست نظر اچي رهي آهي، ان جو سڄي دنيا کي احساس آهي.