موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

موسميات کاتي اڄ ڪراچي ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ گهٽ کان گهٽ گرمي پد 28 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ وڌ کان وڌ گرمي پد 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

ان حوالي سان موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر جو موسم گرم ۽ وچولو رهندو جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 75 سيڪڙو ۽ اتر اوڀر کان هلندڙ هوائن جي رفتار 14 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ رهندي.

موسميات کاتي طرفان ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ميرپورخاص، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، سانگهڙ، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٿرپارڪر ۾ به برسات جو امڪان آهي. ان کان علاوه اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، ڪشمير گلگت بلتستان ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ به برسات پئجي سگهي ٿي.

Read Previous

حڪومت پيٽرول سستو ڪري ڇڏيو

Read Next

ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي فراهمي معطل

Most Popular