ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي فراهمي معطل

ڪراچي ۾ بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون سبب شهر جو 80 سيڪڙو علائقو بجلي کان محروم ٿي ويو.

ڪي اليڪٽرڪ جي 1900 مان 1400 فيڊر ٽرپ ڪري ويا آهن ۽ شهر جي مختلف علائقن ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، ڪلفٽن، ڊفينس، ايف بي ايريا، گلشن اقبال، گلستان جوهر، صدر، ملير سميت ٻين هنڌن تي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هاءِ ٽرانسميشن لائن ۾ ٽرپنگ سبب ڪراچي کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي ۽ سوين فيڊر بند ٿي ويا.

ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته نيشنل گرڊ مان ايندڙ 500 ڪي وي جي هاءِ ٽرانسميشن لائن ۾ خرابي ٿي، جنهن سان ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي فراهمي معطل ٿي، بجلي جي عدم فراهمي جي صورتحال تي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني سان رابطي ۾ آهيون.

هوڏانهن حيسڪو اختيارين جو چوڻ آهي ته حيسڪو ريجن جون به 71 گرڊ اسٽيشنون بند ٿي ويون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ مٽياري، ڄامشوري، ٽنڊي الهيار، سانگهڙ، ٽنڊي آدم، بدين، ٿرپارڪر، ٽنڊي محمد خان ۽ ڪوٽڙي ۾ به بجلي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

Read Previous

موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 101 فوتگيون، 3559 نوان ڪيس

Most Popular