جاسوسي ۽ سيڪيورٽي معاملن جي حوالي سان وڏو فيصلو

عمران خان

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو.

اجلاس ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري، شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد، شوڪت ترين شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ قومي سلامتي واري صلاحڪار به شريڪ هئا.

اجلاس ۾ ايپڪس ڪميٽي سائبر سيڪيورٽي، جاسوسي، سيڪيورٽي چيليجز سان منهن ڏيڻ لاءِ مختلف قدمن تي فوري طور عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال ملڪ تي ان جي امڪاني اثرن جو جائزو ورتو ويو، ڪميٽي نيشنل ايڪشن پلان جي گهري ۽ وڏي عرصي واري هدفن جو جائزو ورتو ويو.

Read Previous

ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ افغانستان ٽيم اسڪواڊ جو اعلان

Read Next

پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، طالبان دنيا کان مدد گهري ورتي

Most Popular