سعودي عرب جي ملوث هجڻ جو ثبوت ناهي مليو: نائن اليون انڪوائري ڪميشن جو سربراهه

نائن اليون انڪوائري ڪميشن جي سربراهه ٽامس ڪين چيو آهي ته آمريڪا ۾ پيش آيل واقعن ۾ سعودي عرب جي ملوث هجڻ جا ثبوت ناهن مليا.

هن چيو ته جهازن جي حملي کي روڪي سگھجي پيو، واضح رهي ته سعودي حڪومت آمريڪا جي 11 سيپٽمبر وارن دهشتگرد حملن بابت ڳجها دستاويز سامهون آڻڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.

سعودي عرب جو چوڻ آهي ته هن 11 سيپٽمبر جي معاملي تي سدائين شفافيت تي زور ڏنو آهي، اميد آهي ته ڳجها دستاويز سامهون اچڻ سان سعودي عرب خلاف بي بنياد الزام هميشه لاءِ ختم ٿي ويندا.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 58 فوت، 5 هزار 370 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي

Read Next

محمد حفيظ ۽ پي سي بي آفيسرن ۾ سرد جنگ

Most Popular