عاطف اسليم ٽڪ ٽاڪ جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو

عالمي شهرت يافته پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم به ٽڪ ٽاڪ جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو.

گلوڪار ٽڪ ٽاڪ تي پنهنجو تصديق ٿيل اڪائونٽ ٺاهي ورتو آهي.

عاطف اسلم رڳو ٻه ڏينهن اڳ ئي ٽڪ ٽاڪ تي پنهنجو اڪائونٽ ٺاهيو آهي جنهن تي هن پنهنجو ۽ اداڪارا ماهرا خان جي گيت اجنبي جي ٽيزر کي اپ لوڊ ڪيو آهي.

اڪائونٽ تي عاطف اسلم کي 21 هزار کان وڌيڪ واهپيدارن فالو ڪيو آهي جڏهن ته هن وقت تائين وڊيوز تي 82 هزار کان وڌيڪ لائيڪس اچي چڪا آهن.

عاطف اسلم جي ٽڪ ٽاڪ تي اينٽري جي خبر تيزي سان پکڙجي رهي آهي ۽ مداحن طرفان گھڻي خوشي جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

Read Previous

افغان نيڪالي سان آمريڪا جي ساک تي ڪو فرق ناهي: وزيراعظم

Read Next

نواز شريف جي جعلي ويڪسين وارو معاملو، اسپتال جا 2 سينيئر ڊاڪٽر معطل

Most Popular