نواز شريف جي جعلي ويڪسين وارو معاملو، اسپتال جا 2 سينيئر ڊاڪٽر معطل

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي جعلي ويڪسي نيشن انٽري تي ايڪشن، لاهور جي ڪوٽ خواجا سعيد اسپتال ڪي ايم ايس ڊاڪٽر احمد نديم ۽ سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر منير معطل ڪري ڇڏيو.

معطل آفيسرن کي صحت کاتي ۾ فوري رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، انکانسواءِ ڪورونا ويڪسين جي جعلي انٽري ۾ ملوث اسپتال جي ٽن ملازمن خلاف ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن ۽ ٻن ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

نواز شريف جي جعلي ڪورونا ويڪسي نيشن جي انٽري تي وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) ۽ پوليس الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا آهن.

ايف آءِ اي سائبر ڪرائي موجب چوڪيدار ابوالحسن ۽ وارڊ بواءِ عادل نواز شريف جي جعلي انٽري لاءِ لاءِ ٽئين ملازم نويد جي آءِ ڊي استعمال ڪئي.

Read Previous

عاطف اسليم ٽڪ ٽاڪ جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو

Read Next

افغان نيڪالي سان آمريڪا جي ساک تي ڪو فرق ناهي: وزيراعظم

Most Popular