واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ نئون پرائيويسي فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

عالمي سطح تي مشهور ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ پنهنجي واهپيدارن جي سهولت لاءِ هڪ نئو پرائيويسي فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو.

واٽس ايپ جي ان نئين فيچر تحت واهپيدار ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ موجود مخصوص ڪانٽيڪٽس لاءِ پرائيويسي سيٽنگ کي غير فعال ڪري سگھن ٿا.

ٽوئيٽر تي واٽس ايپ جي تصديق ٿيل اڪائونٽ تي هڪ ٽوئيٽ ڪندي فيچر اپ بابت واهپيدارن کي آگاهه ڪيو ويو آهي.

واهپيدارن کي ٻڌايو ويو آهي ته ان فيچر جي سهولت مان فائدو وٺڻ لاءِ واهپيدار کي ايپ جي سيٽنگ آپشن ۾وڃي اڪائونٽ تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو.

اڪائونٽ تي ڪلڪ ڪرڻ کان پوءِ پرائيويسي ۾ وڃي واهيپدار لاءِ هڪ نئين اپ ڊيٽ نظر ايندي.

اها اپ ڊيٽ NOBODY يا EVERYONE  جي آپشن کانسواءِ My contacts except جي اپ ڊيٽ جي صورت ۾ موجود آهي جنهن تحت واهپيدار هاڻ فهرست ٺاهي ڪجهه خاص ڪانٽيڪٽس کي پنهنجي پرائيويسي جي حساب سان بلاڪ يا ان بلاڪ ڪري سگھن ٿا.

Read Previous

باليووڊ سُندري جو ”ريپ“ جي ڌمڪين جو انڪشاف

Read Next

”پينڊورا پيپرز“ تي حڪومت جو ردعمل سامهون اچي ويو

Most Popular