افغان گهرو وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاسپورٽ اسلامي جمهوريا افغانستان جي نالي سان ئي جاري ڪيا ويندا.
افغان گهرو وزارت جي ترجمان چيو ته پاسپورٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ سڀني عورت ملازمن کي ڪم تي واپس اچڻ جو چيو ويو آهي.
ٻئي پاسي افغان پاسپورٽ آفيس جي سربراهه جو چوڻ آهي ته روز 5 هزار کان 6 هزار پاسپورٽ جاري ڪيا ويندا، عورتن جي پاسپورٽ واري مسئلن کي ڏسڻ لاءِ عورتن کي ڀرتي ڪيو ويندو.