ٽن سالن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ نوڪريون ڏئي چڪا آهيون: فواد چوڌري

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته اسان ٽن سالن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ نوڪريون ڏئي چڪا آهيون.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پينڊورا پيپرز ۾ 700 کان وڌيڪ پاڪستانين جا نالا شامل آهن، جن جا نالا آيا آهن، انهن جون ٽي ڪيٽيگريون ٺاهيون ويون آهن، هڪ ڪيٽيگري اها آهي، جنهن آف شور ڪمپني ظاهر ڪئي آهي، ٻي ڪيٽيگري اها آهي، جنهن ڪمپني ٺاهي ۽ مني لانڊرنگ ڪئي، ٽين ڪيٽيگري ۾ آف شور ڪمپني ظاهر نه ڪندڙ آهن.

هن چيو ته پينڊورا پيپرز تي وزيراعظم انسپيڪشن سيل ٺاهيو ويندو، جيڪو جائزو وٺندو ته ڪنهن جي آف شور ڪمپني قانوني ۽ ڪنهن جي غير قانوني آهي.

سندس چوڻ هو حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته 3 ربيع الاول کان 13 ربيع الاول تائين سرڪاري سطح تي اهو ڏهاڪو رحمت اللعالمين طور ملهايو ويندو ۽ ان حوالي سان تقريبون ڪوٺايون وينديون، عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي حڪومت قيدين جون سزائون گهٽائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.

Read Previous

وفاقي ڪابينا جو ايندڙ عام چونڊون نئين مردم شماري تحت ڪرائڻ جو فيصلو

Read Next

افغاني پاسپورٽ ڪهڙي نالي سان جاري ٿيندو؟

Most Popular