مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جو اهم سربراهي اجلاس سڀاڻي ٿيندو.
پي ڊي ايم جو اهم سربراهي اجلاس سڀاڻي اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن جي صدارت مولانا فضل الرحمان ڪندو، جڏهن ته اجلاس ۾ پي ڊي ايم ۾ شامل سڀني جماعتن جا سربراهه شرڪت ڪندا.
پي ڊي ايم اجلاس گهرائڻ لاءِ فضل الرحمان اهم اڳواڻن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان حڪومت کي هر محاذ تي ٽف ٽائم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ذريعن موجب پي ڊي ايم اجلاس ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ اجلاس جي تجويزن تي غور ڪيو ويندو ۽ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جي معاملن تي به حتمي راءِ ورتي ويندي.