ٻه خان به جلد جيل وڃي سگهن ٿا: ڪي آر ڪي جي وڏي دعويٰ

ڀارتي اداڪار ڪمال راشد خان عرف ڪي آر ڪي دعويٰ ڪئي آهي ته شاهه رخ خان کانپوءِ هاڻي سلمان خان ۽ عامر خان بي جي پي جي هِٽ لسٽ تي آهن.

هن ٽوئيٽر تي پنهنجي ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ته منهنجي ذريعن ٻڌايو آهي ته وڌيڪ 2 خان باليووڊ جا ستارا ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي هٽ لسٽ تي آهن.

ڪمال راشد خان جو چوڻ هو ته اهي ستارا بي جي پي جو ايندڙ هدف ٿي سگهن ٿا جن تي اڳ ۾ به ڪيس داخل آهن.

هن اهو به چيو ته اهي ٻئي خان جلد جيل به وڃي سگهن ٿا.

Read Previous

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان وارم اپ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي هارائي ڇڏيو

Read Next

بل گيٽس جي ڌيءَ مسلمان دوست سان شادي ڪري ڇڏي

Most Popular