سپريم ڪورٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي ضمانت منظور ڪندي هڪ ڪروڙ رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.
عدالت حڪم ڏنو آهي ته سيد خورشيد شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ رهندو، سيد خورشيد شاهه اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ احتساب عدالت سان رابطو ڪري سگھي ٿو.
خورشيد شاهه کي نيب سکر اثاثن جي ڪيس ۾ 18 سيپٽمبر 2019ع تي گرفتار ڪيو هو ۽ هڪ ارب 30 ڪروڙ رپين جو ريفرنس داخل ڪيو هو.