پيٽرول سستو نه پر اڃا مهانگو ٿيندو: اوگرا چيئرمين خبردار ڪري ڇڏيو

اوگرا چيئرمين مسرور خان چيو آهي ته ايندڙ 5 مهينن تائين ملڪ ۾ پيٽروليم شين جا اگهه وڌندا.

پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ سينيٽر راڻا مقبول احمد جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو ۽ ڪميٽي ميمبرن پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي پئماني تي واڌ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.

ڪميٽي چيئرمين ۽ ٻين ميمبرن چيو ته پيٽروليم شيون گهٽ قيمت تي گهرائي مهانگيون وڪرو ڪيون پيون وڃن، ملڪ ۾ پيٽروليم شين جو ذخيرو موجود آهي ته قيمتون ڇو وڌايون ويون؟ ملڪ ۾ 22 ڏينهن پيٽروليم شيون ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش آهي ته مهيني ۾ ٻه ڀيرا قيمتون ڇو وڌيون؟ سڄي قوم رُلي وئي آهي، ملڪ ۾ احتجاج پيو ٿئي، جڏهن قيمتون ڪرنديون آهن ته ڪمپنيون بحران پيدا ڪري ڇڏينديون آهن، اوگرا مافياز جي سهولتڪار بڻيل آهي.

اوگرا چيئرمين مسرور خان ڪميٽي کي ٻڌايو ته پاڪستاني حڪومت وٽ تيل جو ڪو ذخيرو ناهي، اهو او ايم سيز جو آهي، مارچ تائين پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان ناهي، ايندڙ 5 مهينن تائين پيٽروليم شين جا اگهه وڌندا، مارچ کانپوءِ اگهه گهٽ ٿيندا، بندرگاهه تي ڊيزل 109 رپيا في ليٽر پئي ٿو، في ليٽر ڊيزل تي ٻيا خرچ ۽ ٽيڪس 25 رپيا آهي.

ڪميٽي چيئرمين اوگرا جي بريفنگ رد ڪندي ايندڙ اجلاس ۾ ڪمپنين جو مارجن ۽ في ليٽر خرچن تي تفصيل گهري ورتا، جڏهن ته ڪميٽي ميمبرن چيو کپت وڌيڪ آهي ته پيٽروليم شين تي مارجن گهٽ ڪري ڇڏيو.

اجلاس دوران ڪميٽي اوگرا کي گئس اگهن ۾ واڌ جو به ذميوار قرار ڏنو ۽ ميمبر چيو ته ايل اين جي جي قيمت سال لاءِ لاڪ هوندي آهي، ملڪ ۾ گئس جي قيمت ۾ سال ۾ ٻه ڀيرا ڪيئن ٿي وڌي سگهي؟ جڏهن ايل اين جي سستي هئي ته آرڊر بُڪ ڇو نه ڪرايو ويو.

Read Previous

حڪومت جو ڪالعدم تنظيم جا مطالبا مڃڻ کان انڪار، رياست جي رٽ قائم ڪرڻ جو فصيلو

Read Next

ورلڊ ڪپ سپر 12: انگلش ٽيم بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

Most Popular