ورلڊ ڪپ سپر 12: انگلش ٽيم بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ انگلينڊ جي ٽيم بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ابو ظهبي ۾ گروپ 1 جون انگلينڊ ۽ بنگلاديش جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون ۽ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي بنگلاديش جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهي سگهي.

بنگلاديش طرفان مشفق الرحيم 29، ڪپتان محمود الله ۽ ناسم احمد 19-19، نور الحسن 16، مهدي حسن 11 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو، انگلينڊ طرفان تائمل ملز بهترين بالنگ ڪندي 3 شڪار ڪيا.

Read Previous

پيٽرول سستو نه پر اڃا مهانگو ٿيندو: اوگرا چيئرمين خبردار ڪري ڇڏيو

Read Next

شلپا شيٽي اڌ ٺوڙهي ڇو ٿي؟

Most Popular