والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي آبادڪاري تي آمريڪا کي ڪاوڙ

آمريڪا والاريل فسلطيني علائقن ۾ اسرائيلي آبادڪاريءَ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

آمريڪي پرڏيهي کاتي والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي آبادڪاري جي سلسلي ۾ جاري ڪم جي سخت مذمت ڪئي آهي.

ترجمان نيڊ پرائس موجب نون منصوبن تي آمريڪا کي سخت خدشا آهن ۽ ان سان ان تڪرار جي ٻه رياستي حل جون ڪوششون متاثر ٿينديون.

واضح رهي ته اسرائيل اولهه ڪناري ۾ وڌيڪ 1300 گهر اڏي رهيو آهي، اِهو اُهي علائقا آهن، جيڪو مستقبل ۾ جيڪڏهن معاملا ٻه رياستي حل ڏانهن ويا ته فلسطين جي حصي ۾ ايندا، جڏهن ته آمريڪا جي اهڙن منصوبن تي تنقيد غير امڪاني آهي.

Read Previous

جنسي زيادتي جي جوابدار کي نامرد ڪرڻ جو قانون غير اسلامي قرار

Read Next

پنوعاقل امدادي پئسن مان پنج سئو کان ھزار تائين سرعام ڪٽوتي جاري،لاڳاپيل انتظاميه بلڪل خاموش

Most Popular