پاڪستاني ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه ۽ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جي زينت بڻجي ويو آهي.
ناليواري ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه طرفان انسٽاگرام تي هڪ خانگي ٽي وي شو جو ٽيزر شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ هن شو دوران ميزبان جي چوڻ تي شيخ رشيد کي ڪال ملائيندي ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو ۾ حريم، شيخ رشيد کي ڪال ملائڻ دوران ڪيميرا تي پنهنجي موبائل به ڏيکاري جنهن ۾ هن ميزبان کي ڏيکاريو ته هن شيخ رشيد جو نمبر ڪهڙي نالي سان سَيو ڪيو آهي.