عوام جي وات مان گرهه کسڻ جون تياريون، گئس اگهن ۾ وڏي واڌ جي درخواست

سوئي ناردرن گئس پائپ لائنز لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) گئس جي سراسري قيمت ۾ وڏي واڌ جي درخواست ڏئي ڇڏي.

سوئي ناردرن طرفان آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) کي گئس جي سراسري قيمت ۾ 157.50 سيڪڙو واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

ايس اين جي پي اي جي گئس جي قيمت ۾ واڌ بابت درخواست تي پهرين ڊسمبر تي لاهور ۾ عوامي ٻڌڻي ٿيندي.

واضح رهي ته ملڪ ۾ گئس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ عوام سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي.

ٿڌ وڌڻ سان گڏ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي آهي، جڏهن ته مهانگائيءَ جي طوفان سبب ٻاهران کاڌو گهرائڻ لاءِ عوام لاءِ ڪنهن چئلينج کان گهٽ ناهي.

گئس کوٽ سبب جتي گهريلو واهپيدار تڪليف ۾ آهن، اتي ئي وري ملڪ جي مختلف شهرن ۾ صنعتي علائقن ۾ به گئس جي کوٽ سبب پيداوار متاثر ٿي رهي آهي.

Read Previous

شوڪت ترين جي سينيٽر بڻجڻ لاءِ رستو صاف

Read Next

”پريانڪا“ نالي مان ”نِڪ جونس“ هٽائي ڇڏيو، عليحدگي جون خبرون

Most Popular