ترڪ معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ يو اي اِي پاران ڳري سيڙپڪاري جو اعلان

يو اي اِي ترڪي جي معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ ڳري سيڙپڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل عرب عمارتن طرفان ترڪي ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي.

عرب ميڊيا موجب يو اي اِي طرفان اهو اعلان امارات جي ولي عهد شيخ محمد بن زايد ۽ ترڪي جي صدر طيب اردوان وچ ۾ ملاقات بعد ڪيو ويو.

عرب ميڊيا موجب يو اي اِي پاران ترڪي ۾ سيڙپڪاري جو اعلان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي هڪ نئين بابت کي کوليندو.

عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته امارات طرفان اهو قدم ترڪي جي معيشت کي سهارو ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل سهڪار کي وڌائڻ لاءِ کنيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب سيڙپڪاري ۾ اسٽريٽجڪ سيڙپڪاري سڀ کان اهم هوندي جڏهن ته توانائي، صحت ۽ خوراڪ جي شعبن کي به خاص اهميت حاصل آهي.

واضح رهي ته ترڪي جي ڪرنسي ليرا جي قدر ۾ گذريل ڏينهن تاريخي گھٽتائي ٿي هئي ۽ ليرا ڊالر جي ڀيٽ ۾ 15 سيڪڙو تائين هيٺ اچي ويو هو.

Read Previous

ويڊيو ليڪ ٿيڻ کان ناهيان ڊڄندي: حريم شاهه

Read Next

لاڳيتو وائيٽ بال ڪرڪيٽ کيڏڻ کانپوءِ ٽيسٽ موڊ ۾ اچڻ چئلينج آهي: بابر اعظم

Most Popular