لاڳيتو وائيٽ بال ڪرڪيٽ کيڏڻ کانپوءِ ٽيسٽ موڊ ۾ اچڻ چئلينج آهي: بابر اعظم

بابر اعظم

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فاتحاڻي شروعات لاءِ پرعزم آهيون.

ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته لاڳيتو وائيٽ بال ڪرڪيٽ کيڏندا پيا اچون، ٽيسٽ موڊ ۾ اچڻ به هڪ چئلينج هوندو، ٽي ٽوئنٽي سيريز کانپوءِ تياري جو گهڻو وقت نه مليو، پاڪستان مان ايندڙ ڊوميسٽڪ کيڏي اچي رهيا آهي، جيترو جلدي ڪنڊيشن کي سمجهن ته بهتر هوندو.

هن چيو ته بنگلاديش جون هوم ڪنڊيشنز آهن، ميزبان رانديگر سينيئر هجن يا جونيئر سٺي ريت واقف آهن، اسان کي ڪنڊيشن کي سمجهڻو ۽ پرفارم ڪرڻو آهي، بنگلاديش جي ٽيم سخت مخالف ثابت ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته اسان کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي مزاج کي ڏسندي صبر سان کيڏڻو پوندو، پچ جو جائزو ورتو آهي، ان تي هلڪو گاهه نظر اچي رهيو هو، جيڪڏهن ان ئي حالت ۾ رکي وئي ته منڍ ۾ پيسرز ۽ پوءِ اسپنرن کي مدد ملندي.

Read Previous

ترڪ معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ يو اي اِي پاران ڳري سيڙپڪاري جو اعلان

Read Next

نسلا ٽاور ٻاهران متاثرن ۽ بلڊرن جو احتجاج، پوليس جي لٺبازي ۽ شيلنگ

Most Popular