نيب ۾ 7 ڊائريڪٽر جنرلز جي 21هين گريڊ ۾ ترقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
سليڪشن بورڊ جي سفارشن جي روشني ۾ نيب چيئرمين جي منظوري کانپوءِ آفيسرن کي 21هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي.
21هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙن ۾ ڊي جي نيب لاهور شهزاد سليم، ڊي جي نيب راولپنڊي عرفان نعيم منگي ۽ ڊي جي نيب سکر عرفان بيگ شامل آهن.
پڌرائيءَ موجب عرفان علي، سلطان سليم ۽ مسعود عالم کي به 21هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي آهي.