پمز اسپتال ۾ 13 ورهين جي ٻارڙي سان مبينا زيادتي جو واقعو سامهون آيو آهي.
پوليس موجب خميس جي شام جو 13 ورهين جي ٻارڙي ماءُ ۽ سندس ناني سان گڏ پمز اسپتال آئي هئي، جوابدار رهنمائي جو ڏٽو ڏئي ٻارڙي کي گاڏي ۾ کڻي ويو ۽ زيادتي جو نشانو بڻايو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي ۽ جاچ کان پوءِ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، فارنزڪ لاءِ ٻارڙي ۽ جوابدار جا سيمپل لاهور موڪليا ويا آهن