وزيراعظم عمران خان گوادر ۾ ماهيگيرن طرفان هڪ مهيني کان جاري ڌرڻي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
وزيراعظم عمران خان چيو ته گوادر جي ماهيگيرن جا جائز مطالبن جو نوٽيس ورتو آهي، ٽرالرن ذريعي غير قانوني ماهيگيري خلاف سخت ايڪشن ورتو ويندو.
عمران خان چيو ته غير قانوني ٽرالرز ذريعي مڇي جي شڪار تي بلوچستان جي وڏي وزير سان ڳالهائيندس.