عزيزالله ٻوهيو سنڌ جو عاشق۔ مدبر۔ جدوجهد جو علمبردار ڪرڻ جو اعلان

نوشھروفيروز(رپورٽ توحيق احمد ميمڻ) عزيزالله ٻوهيو سنڌ جو عاشق۔ مدبر۔ جدوجهد جو علمبردار قرار۔ عزيزالله ٻوهي جي فلسفي ۽ ان جي جدوجهد کي جهر جهنگ ۾ ڦھلائي سنڌ جي خوشحالي۔ مذهبي رواداري۔ عالمي ڀائيچاري۔ اقتصادي برابري لاء جدوجهد ڪرڻ جو اعلان۔ رپورٽ موجب سنڌ ساگر پارٽي جي باني مولانا عزيزالله ٻوهيو جو تعزيتي ميڙاڪو پارٽي چيئرمين علامه عبدالمومن جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اڳواڻ سيد زين شاه۔ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي۔ جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ هاشم کوسو۔ سنڌ ساگر پارٽي جي اڳواڻ حافظ سڪندر تنيو۔ نواز خان زنئور۔ سارنگ جويو۔ نور احمد ميمن۔ ناز سنائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔ مولانا عزيزالله ٻوهيوجي چاليهي جي موقعي تي سنڌ ساگر پارٽي جي چيئرمين علامه عبدالمومن ميمڻ مولانا عزيزالله ٻوهيو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته مولانا عزيزالله ٻوهيو سنڌ وطن جي آزادي۔ خودمختياري۔ مذهبي روادري ۽ عالمي ڀائيچاري جو پرچارڪ هيو۔ ٻوهيي صاحب جي علمي ڪم ۾ الله جو رنگ ڏيکاريو آھي جنهن ۾ سماج ۾ انسان جي غلامي خلاف علم برپا ڪيو قرآن کي عالم انسانيت جي هدايت وارو ڪتاب سمجهايو۔ مومن ميمڻ وڌيڪ چيو ته مولانا ٻوهيي امام انقلاب عبيدالله سنڌي جي نظرئي کي جيئاريندو پيو اچي ۽ ان درس کي سنڌ ۽ سنڌين جي تسبيح ڦيرڻ سمجهيو۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ساگر پارٽي سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل حڪومت چاهيون ٿا ان ۾ مذهب جي گنجائش ناهي۔ ڌرتي اسان جي پيرن کان کسڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي پر اسان پنهنجا پير هٽايا ناهن الله انسان جي آزادي ۽ خودمختياري جي ڳاله ڪري ٿو۔ هن چيو ته مولانا عزيزالله ٻوهيي جي نقش قدم تي هلي مولانا عبيدالله سنڌي جي پيغام کي جهر جهنگ ڦهلائينداسين۔ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاه خطاب ڪندي چيو ته عزيزالله ٻوهيو جو وڇوڙو اسان ۽ سنڌ لاء خال ٿي پيو آھي۔ مولانا ٻوهيي جي ويجهڙآئپ سياسي طور جي ايم سيد سان هئي پر وڌيڪ سيد امداد محمد شاه سان هوندي هيس مون کي اهو اعزاز حاصل آھي ته ساڻس گڏ جونيئر ٿي ڪم ڪيو۔ پونم ۽ ٻين اتحادن ۾ گڏ سفر ڪرڻ جو موقعو مليو۔ سيد زين شاه چيو ته مون سائين کان سوال ڪيو ته اسان جون سوچون هڪ جهڙيون آھن پوء اسان گڏ ڇو نه آھيون؟ مولانا ٻوهيي چيو ته توهان وطن جي دفاع لاء ڪو به حوالو ڏئي دفاع ڪندئو پر مون کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوي ٿي۔ قرآن ۽ فلسفن منجهان ڏسي سامراجي ملن سان مقابلو ڪرڻو پوي ٿو۔ سيد زين شاه چيو ته مولانا عزيزالله ٻوهئي جهڙو دلير ماڻھو مون نه ڏٺو۔ جڏهن پاڻي مسئلن ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف اٿندڙ تحريڪن ۾ اوڀر ۽اوله کان به مدد جي اپيل ڪندو هو۔ پنهنجي وطن جي دفاع لاء هر محاذ تي اٽل بيٺو رهيو۔ سياسي تحريڪن ۾ وطن جي خوشحالي لاء آخري دم تائين جدوجهد جاري رکي عزيزالله ٻوهيو اسان جو حصو آھي ان کي ڪڏهن به ڌار ناهي سمجهيو۔ سيد زين شاه وڌيڪ چيو ته هاڻي اچو ته سنڌ جي قومي مفاد لاء مثبت ۽ سچا نوجوان تيار ڪيون۔ هن چيو ته سياست عبادت آھي جيڪا خدمت جي ذريعي ٿيندي آھي ان کي بحال ڪري اصل پسندي واري سياست ڪيون۔ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪندي چيو ته سياستدان ايندڙ اليڪشن تي نظر رکندا آھن ۽ عالم قومن جي خوشحالي ۽ آزادي تي نظر رکندا آھن۔ مولانا عزيزالله ٻوهئي کي قومي اثاثو سمجهون ٿا۔ هن ملڪ کي مذهب جي بنياد تي نه ٿو هلائي سگهجي مولانا ٻوهيي جي فلسفي کي سمجهڻ گهرجي۔ جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ هاشم کوسو چيو ته مولانا عزيزالله ٻوهيو مولانا عبيدالله جيان سنڌ جي معاملي تي بيٺو رهيو۔ سنڌ جي خوشحالي ۽ قومن جي آزادي لاء جدوجهد ئي مولانا عزيزالله ٻوهيو جو پيغام آھي۔ سنڌ سجاڳي فورم جي سارنگ جويو چيو ته عزيزالله سنڌجو اهو سيڪيولر عالم هيو جنهن نه صرف قرآن جي حقيقي تعليم قرآن جي فلسفي مان ئي سنڌ سميت دنيا جي مظلوم قومن جي آزادي ۽ ان لاء ٿيندڙ جدوجهدن کي اسلامي بنيادن تي جائز قرار ڏنو۔ مذھبي انتهاپسندي خلاف عزيزالله ٻوهئي جي فلسفي کي وڌائڻ گهرجي۔ تقريب کي نور احمد ميمڻ۔ عبدالمجيد مري۔ سنڌ ساگر پارٽي جي سيڪريٽري حافظ سڪندر تنيو۔ وائيس چيئرمين ساگر نياز لاشاري۔ مولا بخش نوحاڻي۔ علي احمد شاه۔ ساگر عزيز سنڌي۔ ساگر يوسف منگي۔ نصرالله جمالي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو۔

Read Previous

وزيراعظم گوادر ۾ هڪ مهيني کان جاري ڌرڻي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

Read Next

پاڪستان ۾ ”اوميڪرون“ جي پهرئين ڪيس جي تصديق ٿي وئي

Most Popular