Medical illustration. 3D rendering
چين ۾ به ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو.
چيني ميڊيا موجب اومي ڪرون ويرينٽ جو پهريون ڪيس پورٽ سٽي تيانجن ۾ رپورٽ ٿيو آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اومي ڪرون جو متاثر شخص 9 ڊسمبر تي پرڏيهه مان چين پهتو، متاثر شخص کي اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته برطانيا ۽ پاڪستان ۾ به اومي ڪرون جا ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.