اسرائيل جي اڳوڻي ملٽري انٽيليجنس چيف ميجر جنرل تامير هيمان اعتراف ڪيو آهي ته ايران جي قدس فورس جي ڪمانڊر جنرل قاسم سليماني جي قتل ۾ اسرائيل ملوث هو.
آمريڪا 3 جنوري 2020 تي عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ ايراني قدس فورس جي ڪمانڊر جنرل قاسم سليماني جي گاڏي کي نشانو بڻايو هو، جنهن ۾ جنرل قاسم ساٿين سميت مارجي ويو هو.
قاسم سليماني جي قتل ۾ اسرائيلي انٽيليجنس جي ملوث هجڻ جي خبر حملي جي هڪ هفتي بعد آمريڪي ميڊيا ڏني، جڏهن ته حملي کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن سرڪاري عهديدار جنرل قاسم سليماني جي قتل ۾ اسرائيل جي ملوث هجڻ بابت ٻڌايو آهي.
ڪجهه وقت اڳ ڏنل انٽرويو ۾ اسرائيل جي اڳوڻي ملٽري انٽيليجنس چيف ميجر جنرل تامير هيمان چيو ته جنرل سليماني جو قتل منهنجي دور ۾ وڏي ڪاميابين مان هڪ ڪاميابي هو.
واضح رهي ته هلندڙ سال قاسم سليماني جي پهرين ورسي جي موقعي تي ايران ۽ اسرائيل هڪ ٻئي خلاف ڌمڪين وارا بيان جاري ڪيا هئا.