ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وري آمهون سامهون

ڍاڪا ۾ جاري ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون شڪست کائي ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويون.

ايونٽ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ ڪوريا پاڪستان کي 5 جي ڀيٽ ۾ 6 گولن سان شڪست ڏئي ايونٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

ڪوريا جي ڊريگ فلڪر چينگ هيٽ سميت مجموعي طور 4 گول ڪيا، جنهن عيوض کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

پاڪستان طرفان مبشر علي 2، جڏهن ته عمر ڀٽا، افراز ۽ جنيد منظور هڪ  هڪ گول ڪيو.

هوڏانهن جاپان جي ٽيم ڀارت کي 3 جي ڀيٽ ۾ 5 گولن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.

ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ٽين پوزيشن لاءِ سڀاڻي پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.

Read Previous

اسرائيل قاسم سليماني جي قتل جو اعتراف ڪري ورتو

Read Next

پونم پانڊي جي نئين لباس سوشل ميڊيا تي باهه ٻاري ڇڏي

Most Popular