”وڏي ماڻهو جي هر شئي ريگيولرائز ٿي ويندي آهي، ڪنهن غريب جي جُهڳي ڪيرائڻ نه ڏينداسين“

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته وڏي ماڻهو جي هر شئي ريگيولرائز ٿي ويندي آهي ۽ غريب جي جُهڳي هجي ته سڀ قانون ٻڌائيندا آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ڊفينس ڪامپليڪس جي ٻاهر ڀت جي اڏاوت جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل، سي ڊي اي اختياريون ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته جيڪي اختياريون آئيني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، انهن خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وڃي؟ توهان کي انهن شهيدن جو به احساس ناهي جن قربانيون ڏنيون.

هن چيو ته ڊفينس ڪامپليڪس تي قانون خلاف ڀت ٺاهڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ توهان قانون ٽوڙي سگهو ٿا؟ سي ڊي اي رڳو اچي چوندي آهي ته اسان نوٽيس ڪري ڇڏيا آهن، عدالت وفاقي حڪومت ۽ بچاءَ واري سيڪريٽري کي هدايت جاري ڪري رهي آهي، جاچ ۽ ذميوارن جو پتو لڳائي عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي.

جسٽس اطهر من الله چيو ته وڏي ماڻهو جي هر شئي ريگيولرائز ٿيندي ويندي آهي ۽ غريب جي جهڳي هجي ته سڀ قانون ٻڌائيندا آهن، امير جي هجي ته نقشا کڻي ايندا آهن، هيءَ عدالت هاڻ ڪنهن هڪ غريب جي جڳهي به نه ڪيرائڻ ڏيندي.

عدالت سي ڊي اي اختيارين کي حڪم ڏنو ته وڃو ۽ گالف ڪورس جي غير قانوني حددخليون جو قبضو واپس وٺو، غير قانوني اڏاوت جو قبضو وٺي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت کي آگاهه ڪيو.

Read Previous

مُئل سمجهيل شخص آخري رسمن ۾ اُٿي پيو

Read Next

سپريم ڪورٽ جو طارق روڊ مدينه مسجد جي جاءِ تي هڪ هفتي ۾ پارڪ بحال ڪرڻ جو حڪم

Most Popular