پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيس هڪ ڀيرو ٻيهر تيزيءَ سان وڌڻ لڳا ۽ هاڪاري ڪيسن جي شرح ٽن مهينن کانپوءِ تقريبن اڍائي سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي آهي.
اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 1085 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ مجموعي ڪيس 1299848 ٿي ويا آهن.
ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هاڪاري ڪيسن جي شرح 2.32 سيڪڙو رهي، جيڪا تقريبن ٽن مهينن دوران سڀ کان وڌيڪ شرح آهي.