ڪراچي ۾ سخت ٿڌ جي اڳڪٿي

موسميات کاتي ڪراچي ۾ وڌيڪ ٿڌ پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز موجب 22 ۽ 23 جنوري کان ڪراچي ۾ پارو سنگل ڊجٽ ۾ وڃي سگھي ٿو ۽ سڄو هفتو ٿڌ جي شدت وڌندي.

هن ٻڌايو ته ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ برسات جو امڪان في الحال ناهي پر 21 ۽ 22 جنوري تي سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ برسات پئجي سگھي ٿي.

موسميات کاتي موجب مري ۾ هيل جهڙي برفباري جو امڪان نه آهي پر هلڪي ڦلڪي برفباري ٿيندي.

Read Previous

نيوي سيلنگ ڪلب بابت فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا

Read Next

نيشنل منارٽي ڪميشن پاڪستان جي چيئرمين چيلا رام ڪيولاڻي جي وفد سان گڏ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ پنجاب جسٽس محمد امير ڀٽي سان ملاقات ڪئي

Most Popular