نيوي سيلنگ ڪلب بابت فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا

اڳوڻي نيول چيف ايڊمرل رٽائرڊ ظفر محمود عباسي نيوي سيلنگ ڪلب بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن ۽ اورنگزيب نيوي سيلنگ ڪلب ڪيرائڻ ۽ اڳوڻي نيول چيف جي خلاف فوجداري ڪارروائي جو فيصلو چيلينج ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ ايڊمرل رٽائرڊ ظفر محمود عباسي طرفان اشتر اوصاف ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو.

اشتر اوصاف سنگل بينچ جو 7 جنوري وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي جڏهن ته اپيل ڪندڙ چيو ته جنهن درخواست تي فيصلو ٻڌايو ويو اها ٻڌڻيءَ جوڳي ئي نه هئي، عدالت پٽيشنر کي اهو رليف ڏنو جيڪو پٽيشن ۾ گھريو ئي نه ويو هو، اپيل ڪندڙ جي خلاف پٽيشن ۾ فوجداري ڪارروائي جي استدعا ئي نه ڪئي وئي هئي.

ايڊووڪيٽ اشتر اوصاف دليلن ۾ چيو ته عدالت فيصلي ۾ لکيو ته اڳوڻي نيول چيف غير قانوني عمارت جو افتتاح ڪيو، عدالت فيصلي ۾ چيو ته هن پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي.

اشتر اوصاف جي دليلن تي جسٽس عامر فاروق چيو ته هر شيءِ سرڪار جي هوندي آهي جنهن جو استعمال لاڳاپيل ڊپارٽمينٽ ڪندو آهي، عدالتن جي لاڳاپيل وزارت قانون واري آهي، اها ئي عدالتن لاءِ بلڊنگ وٺندي آهي، آرمڊ فورسز جي لاڳاپيل وزارت دفاع بڻجي ٿي، نيول فارمز لاءِ زمين ڪنهن خريد ڪئي؟ منتقل ڪنهن جي نالي ٿي؟ نيول فارمز جي زمين خريد ڪرڻ جو مقصد ڇا هو؟ پڇي ٻڌايو ته ڪابينا سيڪريٽري عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪيو آهي يا نه؟

جنهن تي اشتر اوصاف چيو ته ورهين تائين سي ڊي اي عدالتي فيصلي تي ايڪشن ناهي ورتو، ان تي جسٽس عامر فاروق سوال ڪيو ته اوهان کي لڳي ٿو ته ظفر محمود عباسي کي گرفتار ڪيو ويندو؟ جنهن تي جسٽس ميان گل حسن چيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل موجود آهي، ان کي گھرائي پڇي ٿا وٺون.

ان کان پوءِ عدالت پٽيشنر جي وڪيل کي لاڳاپيل رڪارڊ عدالت جي سامهون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 19 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 7 جنوري تي پنهنجي فيصلي ۾ راول ڍنڍ جي ڪناري ٺهيل نيوي سيلنگ ڪلب جي اڏاوت کي غير قانوني قرار ڏيندي ان کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو هو.

Read Previous

ملڪ ۾ 5 مهينن بعد ڪورونا ڪيسن ۾ ڳڻتي جوڳي واڌ

Read Next

ڪراچي ۾ سخت ٿڌ جي اڳڪٿي

Most Popular