A Pakistani man smokes a cigarette in Lahore on May 31, 2011, on "World No Tobacco Day”. Pakistan accounts for a large proportion of the cigarettes consumed in South Asia where about 100,000 people die annually from diseases caused by the use of tobacco, reports the Coaltion of Tobacco Control in Pakistan. AFP PHOTO/ARIF ALI (Photo by Arif Ali / AFP)
سگريٽ ڇڪڻ جي مختلف نقصانن بابت ماڻهن کي ڄاڻ آهي پر ان بُري عادت جا اثر ايندڙ نسلن ڏانهن به منتقل ٿيندا آهن.
هڪ نئين تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اهڙيون عورتون ۽ ڇوڪريون جن جي ڏاڏي يا پڙ ڏاڏي گھٽ عمر ۾ سگريٽ ڇڪڻ جي شروعات ڪئي هوندي آهي، انهن جي جسماني چرٻي وڌيڪ ٿي سگھي ٿي.
ان کان اڳ جي تحقيق جي شروعاتي نتجين ۾ دريافت ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن پيءُ سگريٽ ڇڪڻ جي شروعات بلوغت کان پهرين ڪري ٿو ته ان جي اولاد ۾ اميد کان وڌيڪ جسماني چرٻي ٿيندي آهي.
هاڻ محققن جو چوڻ آهي ته ڏاڏي يا پڙ ڏاڏي جو 13 سال جي عمر کان اڳ سگريٽ ڇڪڻ عورتن جي جسم ۾ چرٻي جي واڌ جو سبب بڻجندو آهي، جيتوڻيڪ ايندڙ نسل جي ڇوڪرن ۾ اهڙو اثر دريافت ناهي ٿيو.
تحقيق ۾ اهڙن اثرن جو اشارو ڏنو ويو، جيڪو ايندڙ نسلن تائين منتقل ٿئي ٿو.
محققن جو چوڻ آهي ته ان جي تصديق لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ۽ اهو سمجهڻو پوندو ته ايئن ڇو پيو ٿي.
برسٽل يونيورسٽي جي هن تحقيق ۾ ايندڙ نسلن ۾ منتقل ٿيندڙ اثرن جي امڪاني تعلق کي دريافت ڪيو ويو، جنهن جي اميد سائنسدانن کي 1991دوران تحقيق جي شروعاتي وقت نه هئي.
تحقيق جي شروعات ۾ 14هزار ڳورهاري عورتن کي شامل ڪيو ويو هو، جيڪي هاڻي ڏاڏيون ۽ نانيون ٿي چڪيون آهن.
تحقيق دوران سائنسدانن گھڻو ڪجهه معلوم ڪيو، جيئن 20 سال اڳ هنن دريافت ڪيو ته حمل دوران جيڪي عورتون چرٻي واري مڇي کائن ٿيون، چاهي ٻن هفتن ۾ هڪ ڀيرو، انهن جي ٻارن جي اکين جي روشني تيز ٿئي ٿي.
ائين مڃيو وڃي ٿو ته هي پهريون موقعو هو جو جڏهن دريافت ڪيو ته حمل دوران ماءُ جي غذا جو تعلق ٻارن جي اکين جي روشني ٺهڻ جي عمل سان به ٿئي ٿو.
تحقيق جا وڌيڪ نتيجا 2013 ۾ جاري ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته حمل جي دوران آيوڊين جي گھٽتائي سان ٻارن جي ذهني واڌ ويجهه تي ناڪاري اثر پون ٿا.
هن نئين تحقيق ۾ محققن ڏاڏي ۽ پڙ ڏاڏي ۾ سگريٽ ڇڪڻ واري ڊيٽا جي جاچ پڙتال ڪئي پر ڏاڏيءَ يا پڙ ڏاڏيءَ ۾ ان عادت جو تجزيو نه ڪيو ويو.
محققن ٻڌايو ته تحقيق مان ٻه اهم نتيجا سامهون آيا، پهرين ته بلوغت کان اڳ ڪنهن ڇوڪري جو سگريٽ پيئڻ ايندڙ نسلن تي اثر ڇڏي سگھي ٿو، ٻيو نتيجو هي آهي ته ٻار وڌيڪ جسماني وزن يا ٿولهه جو شڪار ڇو ٿا ٿين، ٿي سگھي ٿو ته ان جو سبب موجوده خوراڪ ۽ ورزش نه هجي پر ان جي ڏاڏي يا پڙ ڏاڏي جي زندگي جي طرز هجي، جنهن جو تسلسل ورهين تائين برقرار رهندو آهي.
هنن جو چوڻ آهي ته جانورن تي تجربن ۾ اهڙي طرح جا اثر ثابت ٿي چڪا آهن پر انسانن ۾ ان جي هجڻ بابت شڪ موجود آهن.
سندن چوڻ آهي ته نئين تحقيق جي نتيجن جي تصديق وڌيڪ ڊيٽاسيٽس مان ٿي، هي ان اولين انساني تحقيقي رپورٽن مان هڪ هوندي، جيڪا هن طرح جي تعلق کي ڄاڻڻ جي شروعات هوندي، ايندڙ ورهين ۾ گھڻو ڪجهه دريافت ڪري سگھبو.
هن تحقيق جا نتيجا طبي رسالي جرنل سائنٽيفڪ رپورٽن ۾ شايع ٿيا.