پي ايس ايل 7 جو گانو توهان کي ضرور وڻندو: آئمه جو مداحن کي پيغام

پاڪستان جي مشهور ڳائڻي آئمه بيگ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ستين ايڊيشن جي آفيشل گاني بابت مداحن لاءِ پيغام جاري ڪري ڇڏيو.

پاڪستان سپر ليگ جي آفيشل يوٽيوب چينل تي آئمه بيگ پي ايس ايل ست جي گاني بابت پنهنجو پيغام جاري ڪيو آهي.

گلوڪارا جو چوڻ آهي ته هن ڀيري هنن گانو وڏي مزي سان ٺاهيو آهي، اميد ته مداحن کي پسند ايندو.

هن مداحن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هن ڀيري اسٽيڊيم ۾ هوءَ پاڻ به موجود هوندي ۽ مداحن کي به اچڻو آهي.

آئمه بيگ وڌيڪ چيو ته هن ڀيري هوءَ گھڻي خوش آهي، ڇاڪاڻ ته گانو گھڻي مزي سان ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي ليول آهي.

Read Previous

طالبان ترجمان هٿان آمريڪي شهري اسلام قبولي ورتو

Read Next

سگريٽ ڇڪڻ سان حيران ڪندڙ اثرن جو انڪشاف

Most Popular