Panoramic food background with assortment of fresh organic vegetables
پنهنجي غذائي عادتن ۾ تبديلي آڻي اوهان پنهنجي زندگي ۾ 13 سال واڌ ڪري سگھو ٿا، خاص ڪري جيڪڏهن جواني کان ئي اوهان صحت بخش غذا جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو.
اها ڳالهه هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
تحقيق ۾ ڏٺو ويو ته جيڪڏهن مرد يا عورتون (ڳاڙهي گوشت ۽ پراسيس يا جنڪ فوڊ تي ٻڌل) جي جاءِ تي ڳاڙهي ۽ پراسيس گوشت جو گھٽ استعمال ڪري ميون، ڀاڄين، دالين ۽ ان جو وڌيڪ استعمال ڪرڻ لڳن ته سراسري عمر تي ڪهڙا فرق پون ٿا.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن عورتون 20 سالن جي عمر کان صحت لاءِ فائديمند غذائن جو استعمال شروع ڪري ڇڏين ته انهن جي سراسري عمر ۾ 10 سال واڌ ٿي سگھي ٿي جڏهن ته مردن ۾ اها 13 سال دريافت ٿي.
تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته وڏي عمر جا ماڻهو به صحت بخش غذا کي ترجيح ڏين ته انهن جي زندگي جو دورانيو وڌي سگھي ٿو.
حقيقت ۾ ميون ۽ ڀاڄين تي ٻڌل غذا 80 سالن جي ماڻهن لاءِ به فائديمند هوندي آهي، ان عمر جا مرد يا عورتون غذائي عادتن ۾ تبديلي آڻي زندگي جي مدي ۾ ساڍن ٽن سالن تائين واڌ ڪري سگھن ٿا.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته دالين، ان ۽ دالين وغيره جو گھڻو استعمال زندگي ڊگھي ڪري ٿو.
انهن ۾ پروٽين سان گڏوگڏ صحت بخش سڻڀ، وٽامنز، منرلز ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس موجود هوندا آهن جيڪي دائمي مرضن جو خطرو گھٽائيندا آهن.
محققن موجب ڳاڙهي ۽ پراسيس گوشت جو وڌيڪ استعمال صحت لاءِ دل جي مرضن ۽ آنڊن جي ڪينسر سميت ٻين مرضن جي خطري کي نمايان حد تائين وڌائي ٿو.
ان جي جاءِ چرٻي وارو ڪڪڙ جو گوشت، مڇي ۽ نباتاتي پروٽينز کي ڏيڻ سان غذائي معيار گھڻو بهتر ٿي وڃي ٿو.