پيٽرول شين جي اگھن ۾ وري واڌ جو امڪان

حڪومت طرفان پيٽرول شين جي اگھن ۾ هڪ ڀيرو وري واڌ جو امڪان آهي، اوگرا پيٽرول ساڍا 8 رپيا مهانگو ڪرڻ جي سمري موڪلي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب 16 فيبروري کان پيٽرول شيون مهانگيون ٿي وينديون، اوگرا سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي ڇڏي آهي جنهن ۾ پيٽرول ساڍا 8 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اهڙيءَ طرح سمري ۾ ڊيزل کي ساڍا 5 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جو به چيو ويو آهي.

ذريعن موجب واڌ جي ورڪنگ موجوده ليوي جي بنياد تي ڪئي آهي جيڪڏهن وفاقي حڪومت ليوي وڌائي ته واڌ ان کان وڌيڪ بڻبي پر پيٽرول شين تي ليوي ۾ وڌيڪ گھٽتائي جا امڪان آهن.

ذريعن موجب آگھن بابت فيصلو وزيراعظم ڪندو جنهن جو باضابطا اعلان ڪيو ويندو.

Read Previous

عوامي پريس ڪلب ۽ ميرپورخاص ضلعي جي عوام لاءِ اعزاز عوامي پريس ڪلب ميرپورخاص لائيف ٽائم اچيويمينٽ ايوارڊ حاصل ڪري ورتو

Read Next

ميان چنون واقعو: ڪيس ۾ نامزد وڌيڪ 6 مرڪزي جوابدارن سوڌو 17 ڄڻا گرفتار

Most Popular