عوامي پريس ڪلب ۽ ميرپورخاص ضلعي جي عوام لاءِ اعزاز عوامي پريس ڪلب ميرپورخاص لائيف ٽائم اچيويمينٽ ايوارڊ حاصل ڪري ورتو

ميرپورخاص ( بيورو رپورٽ )عوامي پريس ڪلب ۽ ميرپورخاص ضلعي جي عوام لاءِ اعزاز عوامي پريس ڪلب ميرپورخاص لائيف ٽائم اچيويمينٽ ايوارڊ حاصل ڪري ورتو ,ڪراچي ۾ صدر عوامي پريس ڪلب ميرپورخاص بشريٰ ميمڻ کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو,بشرئ ميمڻ کي پاڪستان ۾ پهرين عورت صحافي صدر منتخب ٿيڻ تي ايوارڊ ڏنو ويو ,ڪراچي ۾ سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين جي چيئرپرسن نزهت شيرين بشرا ميمڻ کي فاطمه جناح ۽ محترمه بينظير ڀٽو ايوارڊ پيش ڪيو . ڪراچي عورتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين پاران عورتن جي قومي ڏينهن جي حوالي سان هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي,تقريب ۾ سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين جي چيئرپرسن نزهت شيرين، ميمبر ايڊووڪيٽ نصرت ميانو، ميرپورخاص آرٽس فائونڊيشن جي اڳواڻ مريم زاهد، سائره فلڪ ۽ سڄي سنڌ مان سماجي ورڪر عورتن شرڪت ڪئي . ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب جي سرپرست اعلئ عبيدالله ڪوري بشرا ميمڻ کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ملڻ تي مبارڪباد ڏني, گڏو گڏ عوامي پريس ڪلب جي سينيئر نائب صدر راجا راشد سولنگي، جنرل سيڪريٽري نادر خان، نائب صدر مظهر، انفارميشن سيڪريٽري ذيشان ميمڻ، خزانچي پرويز ڪوري، صلاحڪار پيرومل پريمي، صحافي گل محمد سولنگي، وومين صحافي ريحانه علي، محمد علي خاصخيلي ۽ ٻين صدر بشرئ ميمڻ کي مبارڪباد ڏني.ان موقع تي صدر بشرئ ميمڻ چيو ته عوامي پريس ڪلب اهو واحد پريس ڪلب آهي جنهن صحافت جي ميدان ۾ عورتن کي نمائندگي ڏئي پاڪستان ۾ تاريخ رقم ڪئي آهي,.

Read Previous

شاهد آفريدي 4 اوورن ۾ 2 وڪيٽون حاصل ڪري ورتيون

Read Next

پيٽرول شين جي اگھن ۾ وري واڌ جو امڪان

Most Popular