بالي ووڊ اداڪارا شلپا شيٽي، سندس ڀيڻ شميتا شيٽي ۽ ماءُ سنندا شيٽي کي لکين رپين جا مچلڪا جمع نه ڪرائڻ تي عدالت طلب ڪري ورتو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب پرهاد امرا نالي ڀارتي بزنس مين ۽ هڪ آٽو موبائيل ايجنسي جي مالڪ بالي ووڊ اداڪارائن شلپا، شميتا ۽ سندن ماءُ سنندا شيٽي خلاف شڪايت داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ مٿن 21 لک رپيا ادا نه ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.
شلپا شيٽي ڪندرا جي مرحوم والد هن کان 2015 ۾ 21 لک رپيا قرض ورتو هو، جيڪو کيس جنوري 2017 ۾ واپس ڪرڻو هو. پر هن پئسا نه ڏنا ۽ هاڻي سندس زال ۽ ڌيئرون به رقم واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيون آهن. نتيجي ۾، انڌيري جي هڪ عدالت ٽنهي کي 28 فيبروري 2022 تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.
ڀارتي خابرو اداري موجب انڌيري جي عدالت اداڪارا شلپا شيٽي ڪندرا، سندس ڀيڻ شميتا شيٽي ۽ ماءُ سنندا شيٽي کي سمن جاري ڪندي کين 28 فيبروري تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. ياد رهي ته شلپا شيٽي گذريل سال به پنهنجي مڙس راج ڪندرا پاران فحش فلمون ٺاهڻ جي ڪيس سبب قانوني مشڪلاتن ۾ ڦاسي وئي هئي.