من موهڻي اداڪارا سارا خان چيو آھي تھ مڙس فلڪ شبير پاران ڏنل گل پنھنجي ڊائري ۾ سنڀالي رکندي آھيان.
سارا فلڪ هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ مڙس سان گڏ شرڪت ڪئي ۽ شو دوران پنهنجي مڙس پاران ڏنل گلن بابت ڳالهايو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته فلڪ جا هن وقت تائين ڏنل سمورا گل تاريخ جي ڊائري ۾ محفوظ ڪري رھي آھيان، فلڪ پاران ڏنل گلن جي ڪري سندس ڊائري هاڻي ختم ٿي وئي آهي، هن ڊائري ۾ رکيل گل سڪي ويندا آهن پر تاريخ رهندي آهي.
ھن چيو تھ جيڪڏهن فلڪ کيس گلدستا ڏيندو ته ان مان هڪ گل ڪڍي پنهنجي ڊائري ۾ محفوظ ڪنديس.