جيڪب آباد ۾ روڊس کاتي جي ملازمن پاران سي بي اي يونين جي سڏ تي مطالبن جي حق ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

جيڪب آباد ۾ روڊس کاتي جي ملازمن پاران سي بي اي يونين جي سڏ تي مطالبن جي حق ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ملازمن مرڪزي قيادت غلام رسول ڇڄڙو، ممتاز علي چانڊيو، الطاف حسين سانگي، شاھنواز جمالي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ روڊس آفيس ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ مطالبن جي مڃتا لاء سال 2016ع ۾ سي بي اي يونين پاران حڪومتي ڌر سان سيڪريٽري سطح تائين ڪامياب ڳالھيون ٿيون ھيون ان وقت ملازمن کي مطالبا منظور ٿيڻ جي خاطري ڪرائي وئي ھئي پر انھي معاھدي تي ڪو بہ عمل ناھي ٿي سگھيو جنھن سبب ملازمن اندر بيچيني ڦھليل آھہ ھنن چيو تہ کاتي اندر پھرين اسڪيل کان وٺي چوٿين اسڪيل تائين ملازمن جو حق آھي پر ان جي ابتڙ سفارشي طور تي نوڪريون بااثرن حوالي ڪيون پيو وڃن جنھن سان اسين ننڍي ملازمن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي ھنن چيو تہ نوڪريون بااثرن حوالي ڪرڻ سان انھن جا من پسند مقرر ڪيل ماڻھون نوڪريون ڪرڻ کان آجا ھوندا جنھن سان کاتي جو نقصان پڻ ٿيندو ھنن مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي تہ سي بي اي پاران ڏنل چارٽر آف ڊمانڊ تي عمل ڪندي ملازمن جا مطالبا پورا ڪيا وڃن جيئن ملازمن اندر ڦھليل بيچيني ختم ٿي سگھي.

Read Previous

مڙس جا ڏنل گل ڊائري ۾ سينگاريندي آهيان: سارا خان

Read Next

اهڙي ڊانسر، جيڪا رقص جو نالو تبديل ڪرڻ چاهي ٿي!

Most Popular