اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پيڪا قانون جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو.
فواد چوڌري ٽوئيٽ ۾ لکيو ته سوشل ميڊيا تي ماڻهن جي عزتن سان کيڏيو پيو وڃي. پيڪا قانون جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو.
هن چيو ته قانون کي بهتر ڪريون پر اهو چوڻ ته ڪو قانون نه هجي يا اهڙو قانون هجي جيڪو لاڳو نه ٿي سگھي بي تڪي ڳالهه آهي.